مورو(ن پ ا) مورو جي گورنمينٽ گرلز ايليمينٽري ڪاليج ۾ پرنسپال جي مقرري تي شاگردياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪاليج جي مين گيٽ اڳيان پوائنٽ روڪي احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاھراهه تي ڌرڻو هنيو، جنھن ڪري ٻنھي پاسن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي، ان موقعي تي شاگردياڻين ندا رحماني، صدف کوسو، ساجدهه، صائما، ڪامريڊ ڇوڪري ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڪاليج ۾ پرنسپال جي مقرري کانپوءِ اسان احتجاج ڪيو ھو، جتي اسان پروفيسر گل محمد ڪيريو کي واپس آڻي پرنسپال مقرر ڪرڻ جو مطالبو رکيو ھو، جيڪو تسليم نه ڪيو ويو ۽ انتظاميا ڳالھيون ڪري يقين ڏياريو ھو ته پرنسپال جي واپسي ڪرائي ويندي جيڪا ناھي ٿي، اسان جو احتجاج جاري رھندو، ھنن چيو ته اسان جي ڪاليج جو نه رڳو اھو مسئلو آھي پر ھن ڪاليج جي سونھن سڌاري ۽ بھتري لاءِ فنڊ ايندا آھن جيڪي پڻ ھڙپ ڪيا ويندا آھن، ۽ اھي ڪٿي خرچ ناھن ڪيا ويندا، ھنن چيو ته اسان کي احتجاج کانپوءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون والدين تي زور ڏياريو ويو ۽ ڊگريون وڃائڻ جو پڻ چيو ويو ۽ اسان تي غلط الزام هنيا ويا آهن، شاگردياڻين جي احتجاج دوران اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشيءَ، ايجوڪيشن فوڪل پرسن راشد مسعود عباسي، چيئرمين نذير احمد ميمڻ پھچي شاگردياڻين سان ڳالھيون ڪري خاطري ڪرائي ۽ احتجاج ختم ڪرائي ريلي جي صورت ۾ ايليمينٽري ڪاليج پھتا، جتي سنڌ اسڪول ايجوڪيشن ۽ ليٽريسي ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جنھن ۾ مقرر ٿيندڙ پرنسپال صاحبزادي جيسر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پروفيسر گل محمد ڪيريو جي مقرري وارو آرڊر ملتوي ڪيو ويو ۽ اي سي مورو فوڪل پرسن چيئرمين طرفان پنج رڪني ڪاميٽي جوڙڻ جو چيو جيڪا فيصلو ڪندي ته ڪنھن کي پرنسپال مقرر ڪرايو وڃي جنھن تي شاگردياڻين پاران خوشي جو اظھار ڪندي انتظاميا ۽ صحافين جو شڪريو ادا ڪيو.