مورو(ن پ ا) مورو شھر جي گورنمينٽ گرلز ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن وومين جي پرنسپال جي بدلي تي شاگردياڻين پاران پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو، مورو درس روڊ بند ڪري ڇڏيو، ٽي ڪلاڪ ڌرڻي بعد شاگردياڻين قومي شاھراھه باءِ پاس تي پھچي ڌرڻو ھنيو، جنھن سبب ٻنھي پاسن کان گاڏيون قطارن جي صورت ۾ بيھي ويون. احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي ندا رحماڻي، صدف گل کوسو، رافيع عالماڻي، نور مبين، انمول، زويا، حنا، صائما، ميھوش، سورٺ، ساجدان، زينب ۽ ٻيون ڪري رھيون ھيون. جتي ھنن جو چوڻ ھو ته اسان جي ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن وومين مورو ۾ پرنسپال پروفيسر گل محمد ڪيريو ھڪ بھترين تعليم دوست شخصيت ھو، جنھن اچڻ شرط ڪاليج ۾ بھتري آندي جيڪي کوٽ ھئي ان کي پورو ڪرايو ۽ ٽٽل ديوارون پاڻ بيھي ٺھرايون ۽ اسان ڪاليج جي شاگردياڻين خاص طور ٻھراڙيءَ سائيڊ لاءِ پوائنٽ جو بندوبست ڪيو، جيڪا ڳالهه سياسي اثر رکندڙن کي پسند نه آئي، جنھن تي پروفيسر گل محمد ڪيريو کي ھٽائي ان جي جاءِ تي فيميل پرنسپال صاحبزادي جيسر کي مقرر ڪيو ويو جيڪا اسان کي قبول ناھي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته ميڊم ڪاليج جي ايندڙ بجيٽ توڙي پڪ اينڊ ڊراپ لاءِ ملندڙ بسون بند ڪري ڇڏيون ھيون ۽ اسان شاگردياڻين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو ويو، جڏھن ته پھريان مقرر ميل پرنسپال طرفان کين ھر قسم جي سھولت ڏني وئي ۽ ڪاليج ۾ تعليمي سرگرميون بھتر بڻايون ميڊم صاحبزادي ڪيترائي دفعا ھن سيٽ تان هٽائي وئي، پر سياسي اثر رسوخ سبب کيس بار بار ڪاليج تي مقرر ڪيو ويو آھي، احتجاج ڪندڙ شاگردياڻين جو وڌيڪ چوڻ ھوته اسان جو ھي احتجاج تيستائين جاري رھندو، جيستائين پروفيسر گل محمد ڪيريو کي واپس ساڳئي جاءِ تي پرنسپال مقرر نه ٿو ڪيو وڃي، جڏھن ته شاگردياڻين جي احتجاج تي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشيءَ، چيئرمين نذير احمد ميمڻ، ايس ايس پي نوشھروفيروز سنگھار ملڪ جي حڪم تي ڊي ايس پي مورو محسن رضا جنڊاڻ، ايس ايچ او مورو مجيب الرحمان ناريجو سميت سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ پھتا جتي انتظاميا شاگردياڻين سان ڳالھيون ڪري جائز مطالبا تسليم ڪندي معاملي کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن تي شاگردياڻين چتاءُ ڏيندي ٻن ڏينھن ۾ مطالبو تسليم نه ٿيڻ تي ڪاليج ڇڏي ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ روڊ کولي احتجاج ختم ڪيو ويو. ھوڏانھن گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن وومين مورو جي مقرر ٿيندڙ پرنسپال ميڊم صاحبزادي جيسر ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته شاگردياڻين پاران ڪاليج پرنسپال جي بدلي ٿيڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ڪھڙي سوچ مطابق آھي مونکي سمجهه نه پيو اچي ڇاڪاڻ ته ادارن ۾ آفيسرز جي بدلي ٿيندي رھندي آھي اھو آفيشل معاملو آھي. ھن چيو ته مون ھميشه پنھنجي ڪاليج کي پنھنجو سمجھي بھتر بڻايو آھي.