ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ (ش ڀ) اڳواڻ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو آهي ته مورو گرائونڊ زيرو بڻجي ويو آهي، شهيد عرفان لغاري جو لاش واپس نه پيو ڏنو وڃي، خاندان جو حق آهي ته اهي پنهنجي پياري جو لاش پاڻ دفنائين. پوري پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ٿين پيا، رڳو اسان جي سنڌ ۾ ماڻهو شهيد ٿين پيا. ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪن پيا. احتجاج سندن جمھوري حق آهي.