مورو (ن پ ا) مورو شھر جي مين روڊ تي ڪجھه ڏينھن اڳ گوليون لڳڻ سبب قتل ٿيل نوجوان آصف علي جويوجي وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي نوجوان جي امڙ مسمات زرينا، ماسي مسمات نصرت جويو، محمد شريف جويو، جسقم اڳواڻ   شاھنواز ڀٽي، معصوم پٽ محمد علي جويو، امجد علي جويو ۽ نياڻي دعا جويو دانهيندي چيو ته  22 ڏينھن اڳ اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آيل رقم  وٺڻ لاءِ آصف سان گڏجي آيا ھئاسين، جتي اسان کي اتي موجود ھڪ شخص ڪارڊ اڇلائي ڏنو ۽ جھيڙو ڪيو ويو، بعد ۾ ڦر جو ڪوڙو الزام ڏئي نوجوان کي ڏنڊا لتون مڪون ۽ فائر ڪري زخمي ڪيو ويو، جنهن بعد نوجوان نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو، هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي،  نوجوان کي قتل ڪري ان کي ڦر جو رنگ ڏياري ڪيس داخل ڪري معصوم ٻارڙا يتيم ڪيا ويا آھن، هنن الزام هنيو ته  آصف علي جويو تي  محمد علي آرائين، اصغر آرائين، يار محمد ابڙو ۽ پپو سومرو ڪوڙو ڦر جو الزام ڏئي ڪيس داخل ڪرايو آھي، جنھن جي انڪوائري ڪرائي وڃي، هنن چيو ته عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ نوجوان ڦورو ڪئين ٿو ٿي سگهي.