مورو (ن پ ا) مورو ويجهو گذريل ڏينھن چانڊيا لنجار تڪرار تان گوليون ھڻي قتل ڪيل همراهه جو ڪيس پوليس اهلڪار سميت 9 ڄڻن خلاف داخل، پوليس جا ڇاپا، ڪجهه شڪي گرفتار، مقتول جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي، خبر موجب گذريل ڏينھن چانڊيا لنجار تڪرار تان درس روڊ تي گوليون ھڻي قتل ڪيل مرزو لنجار جو مڙهه جنازي نماز بعد ڳوٺ جمعو نوريو جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، همراهه جي قتل جو ڪيس علي گوھر لنجار جي فرياد تي 9 ڄڻن خلاف مورو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ محمد عرف ڪاڪو چانڊيو، علي نواز، پوليس اھلڪار علي شير چانڊيو، عطا محمد، دلبر، عاشق، ڪاشف، محرم، جان محمد چانڊيو ۽ ٻن نامعلومن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، مقتول جي وارثن جو چوڻ آھي ته سندن همراهه کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، قتل ۾ ملوث جوابدارن مان پوليس صرف ھڪ ڄڻي علي نواز چانڊيو کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته سمورا جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر هٿ اچي نه سگهيا، پوليس ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ياد رھي ته چانڊيا لنجار تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا 7 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن.