مورو: مورو ۾ رات دير تائين پوليس مختلف ھنڌن تي گھرن تي چڙھايون ڪري ڪيترائي ڄڻا گرفتار ڪري کڻي گم ڪري ڇڏيا. پوليس ناليواري مزاحمتي شاعر راشد مورائي جي گھر تي چڙھائي ڪري وڏي پٽ لطيف راشد شاھه کي کنڀي کڻي وئي. جڏھن ته مورو جي نوجوان سنڌ سڀا اڳواڻ سنڌي پرويز چانڊيو ۽ ڪامريڊ اصحاب چانڊيو جي گھر تي چڙھائي ڪري معصوم ٻارڙن عورتن تي تشدد ڀڃ ڊاھه ۽ چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي ٻن نوجوانن کي کڻي وئي، جڏھن ته پوليس نديم سيال جي ڀاءُ اسد سيال کي پڻ گھر تي چڙھائي ڪري کنڀي کڻي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي. وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوانن کي بنا ڪنھن ڏوھ جي کنيو ويو آھي ۽ نوجوانن کي پوليس نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي جنھن جو ڪو ڏس پتو ناھي ڪٿي انھن کي ھاف يا فل فراءِ نه ڪيو وڃي اسان سخت پريشان آھيون متاثر وارث وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کنيل نوجوانن کي آزاد ڪري انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي. رات دير سان سنڌ جي قومي شاعر راشد مورائي جو پٽ لطيف راشد شاھه گھر واپس پھچي ويو.