نوشھروفيروز/ مورو (نمائندن وٽان) نوشھروفيروز مان جسقم جي ڪارڪنن فيصل مستوئي ۽ عزيز ڀنگوار جي آزاديءَ لاءِ نيشنل ھاءِ وي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مھيسر پاران اعلانيل ڌرڻي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري سڄي رات پوليس ڪارڪنن جي گھرن ۾ گھڙي گرفتاريون ڪيون ۽ صبح ٿيندي ئي پوليس سموري شھر جا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، جڏھن ته ڪارڪن احتجاج ڪرڻ پريس ڪلب پھتا ته احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس ڪڙڪي پئي، جسقم اڳواڻن موجب 250 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ سھيل پلھه، رستم شر، ڪاشف راڄپر، عمران چانڊيو، عرفان سيال، نھال ملڪ، محمد عليل، عاشر راڄپر، ذوھيب سولنگي، شيراز ڍلو، بشير راڄپر، اقرار لاشاري، سجاد سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏھن ته ڪارڪنن جون موٽر سائيڪلون پوليس پڻ ڪاھي وئي. نامعلوم ماڻھن جي پٿراءُ سبب ھڪ پوليس اھلڪار نصرالله سولنگي زخمي ٿي پيو.