مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجهو 11 مهينا اڳ سڱاوتي تڪرار تان مارجي ويل ٻن ڄڻن جي قتل جو نبيرو، جوابدار ڌر تي هڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ، 5 لک ٿڏي تي ادا ڪيا ويا، باقي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، خبر موجب ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگهيو ۾ 11 مهينا اڳ سڱاوتي تڪرار تان مارجي ويل ٻن نوجوانن مختيار احمد ٻگهيو ۽ فياض ٻگهيو جي قتل جو نبيرو ڪالهه حزب الله ٻگهيو، محمد علي ٻگهيو ۽ محمد اياز ٻگهيو جي سر پئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻن قتلن جو هڪ ڪروڙ 20 لک روپيا ڏنڊ ۽ عورت ڀڄائي وڃڻ جا 30 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، هڪ ڪروڙ 20 لکن مان 30 لک ڪاٽي باقي جوابدار ڌر 90 لک روپيا فريادي ڌر کي ادا ڪندي، جنهن بعد ڪيس تان هٿ کنيو ويندو، جوابدار ڌر موقعي تي 5 لک روپيا محمد اياز ٻگهيو وٽ جمع ڪرايا، باقي رهيل 85 لک فيصلي جي امين وٽ ٻن قسطن ۾ جمع ڪرايا ويندا، آيل سڀني ماڻهن کي ننگر کارايو ويو، آخر ۾ دعا گهري ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.