مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ غلام حسين سابقي ۾ 4 پورهيتن علي اڪبر سابقي، آڍو سابقي، شوڪت سابقي ۽ در محمد سابقي جي گهرن کي چلھه جي چڻنگ مان باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرن چيو ته گهرن کي چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳي، جنهن ۾ 20 مڻ ڪڻڪ، ھنڌ کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، هنن سرڪار کي سهائتا جي اپيل ڪئي.