مورو(ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ ڄام خان سابقي ۾ گھر جي ديوار ڪرڻ سبب پيءُ معذور نياڻي سميت دٻجي ويو، جن کي زخمي حالت ۾ مورو اسپتال آندو ويو، جتي پيرسن شرف الدين سابقي ۽ سندس معذور نياڻي ثمينا سابقي کي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته علاج دوران پيرسن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته پراڻي جاءِ کي ڊاھڻ دوران ورانڊي جي ديوار ڪري پئي، جنھن ۾ پيرسن ۽ سندس نياڻي ھيٺان اچي دٻجي ويو، هوڏانهن قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.