مورو (ن پ ا) مورو ويجھو درس وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان صدورو کوسو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو، جتي هن علاج دوران زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان نينگر حسنين کوسو کي ڇڏڻ لاءِ اچي رھيو ھو ته حادثو پيش آيو.