مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجھو نوجوان کي نشي واري چانھه پياري بدفعلي، وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف، فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل، ڪيس داخل، جوابدار گھر کي تالا ھڻي زال سميت فرار، خبر موجب ڏيپارجا ۾ نوجوان زين علي قريشي کي امتياز عرف وڏيرو گدارو گھر گھرائي نشي واري چانھه پياري بدفعلي جو نشانو بڻائي گھر واريءَ کان وڊيو رڪارڊ ڪرائي بليڪ ميل ڪيو، جڏهن ته تصويرون وائرل ڪري ڇڏيون، ان ڏس ۾ واقعي جو ڪيس نوان جتوئي ٿاڻي تي سندس چاچي صدرالدين قريشي جي فرياد تي امتياز عرف وڏيرو گدارو ۽ سندس گھر واريءَ روزينا مٿان داخل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته امتياز عرف وڏيرو گدارو پنھنجي گھر واريءَ روزينا سان گڏ ھم صلاح ٿي ماڻھن کي بليڪ ميل ڪندا رھن ٿا، جن ڏيپارجا شھر جي آرمي آفيسر ڀاءُ جيڪو عيد ڪرڻ لاءِ پنھنجي ٻچڙن سان گڏ گھر ڏيپارجا آيل ھو، جنھن جي 16 سالن جي نوجوان کي امتياز گدارو ۽ سندس زال نشو ڏئي بدفعلي جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو رڪارڊ ڪئي، رڪارڊ ڪيل ويڊيو نوجوان جي امڙ کي ڏيکاري کين کان لکين رپين جي گهر ڪئي، ڏوڪڙ نه ڏيڻ ته ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گھر تي ڇاپو ھنيو پر جوابدار هٿ نه آيو.