مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجھو زميني تڪرار تان والد جي قتل ڪيس ۾ عدالت ۾ پيشي کان واپس ايندڙ نوجوان هٿياربندن هٿان گوليون ھڻي قتل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، خبر موجب مورو ڪورٽ کان واپس ڳوٺ پراڻا جتوئي ويندي سليم مشوري کي موٽرسائيڪلن سوار 4 نامعلوم ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پھچي مقتول نوجوان جو لاش مورو اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن ڌڻي بخش مشوري ۽ سخي مشوري جو چوڻ هو ته اسان جو 22 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان ڪوريجا، ڪورائي، کوسا ۽ چانڊيا ڌرين سان تڪرار ھلندڙ آھي، ڪجھه وقت اڳ قتل ڪيل نوجوان جي پيءُ رجب عرف ڪالو مشوري کي قتل ڪيو ويو ھو جنھن جو ڪيس ھلندڙ آھي، ڪالهه ڪورٽ ۾ پيشي ھئي، جتان سليم مشوري ۽ شجاع محمد واپس اچي رھيا ھئا ته کين روڪي سليم کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته نوجوان کي خير محمد ڪوريجو، راجا رميز ڪوريجو، گلن محمد ڪوريجو، جمشيد ڪوريجو ۽ ٻين گڏجي قتل ڪيو آھي، ظالمن وڏو ظلم ڪيو آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته پراڻي دشمني تان گوليون ھڻي نوجوان کي قتل ڪيو ويو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.