مورو(ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ سردار خان لنڊ کان زمين تي ويندي نوجوان صداقت علي لنڊ کان نامعلوم ڦورن پاران موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي گوليون ھڻي موٽرسائيڪل ڪاھي فرار، زخمي نوجوان کي مورو اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏني وئي ۽ وڌيڪ علاج جي لاءِ نوابشاھه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي نوجوان جو ٻڌائڻ ھو ته مان ڳوٺ کان زرعي زمين تي وڃي رھيو ھئس ته ٽي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڦورو ھٿيارن سان پيڇو ڪري گاڏي روڪي فر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي گوليون ھڻي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن. اھڙي واقعي جي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آھي.