مورو (ن پ ا) پ پ اميدوارن آڏو آواز بلند ڪرڻ جو سلسلو زور وٺي ويو، اميدوار جي امين خطاب دوران موبائل فون ڦري ورتي، وڊيو وائرل، ان ڏس ۾ ڪالهه پي ايس 35 جي پ پ اميدوار ضياءُ لنجار آڏو هڪ نوجوان شڪايتون ڪندي چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪنداسين پر اسان کي ڪم گھرجن، اسان جي ڳوٺ جا اسڪول اسپتالون ڏسو انھن جي ڇا حالت بڻيل آھي، نوجوان جي ڳوٺ جي مجموعي صورتحال تي خطاب ڪرڻ دوران اميدوار قاري گھانگھرو موبائل فون ڦري رڪارڊنگ بند ڪرائي ڇڏي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد عوام پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ آهي ته ضياءُ لنجار ۽ سندس جا ماڻهو جيڪڏهن تنقيد نٿا ٻڌي سگهن ته پوليس اهي عوام جي ڪهڙي ڪم ايندا، ھنن جي سوچ سمجھه جيڪڏهن ايستائين آھي ته ٻڌڻو ڪجھه ناھي باقي ٻڌائڻو سمورو ڪجھه آھي ته ايئن هاڻي نه هلندو سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور آهي اهي گذريل وقت بابت پڇاڻو ضرور ڪندا، هنن اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي.