مورو(ن پ ا) مورو ويجھو قمرالدين چانڊيو ۾ نشي آور گوريون ۽ ڪچي شراب واپرائڻ سبب نوجوان شھزادو چوھاڻ فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو والد فيض محمد معذور آھي ۽ ھي نوجوان گھر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو ھو، ھن کان اڳ ساڳئي ڳوٺ مان 2 نوجوان پسند علي ۽ آڪاش چوھاڻ به منشيات جي ور چڙھي پنھنجي زندگي وڃائي چڪا آھن. ميڊيا سان ڳالهائيندي اربيلو چوھاڻ چيو ته اسان سان ظلم ٿي ويو آھي اسان سڀني اعلي’ اختيارن ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪيون ٿا ته فورن منشيات ۽ نشي آور گورين جي وڪري تي ڪنٽرول ڪيو وڃي جيئن ائين ڪنھن ٻئي مسڪين جو گھر نه اجڙي.