مورو (ن پ ا) مورو ويجهو ڪچي جي ڳوٺ ڪوڙو ڪورائي جي رھواسين زرعي زمين تي مبينا قبضو ڪرڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ياسين ڪورائي، سڪندر ڪورائي، عارف ڪورائي، اسلم، تاج محمد، آصف، مسمات شريفان، منظوران، سميرا ۽ ٻين چيو ته 16 ايڪڙ زمين تي بااثر غلام نبي ڪورائي قبضو ڪيو ويٺو آھي ۽ فصل پڻ کڻائي رھيو آھي، جڏھن ته زمين جو ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ آھي، هنن چيو ته بااثر زمين تان ڪمند پوليس جي مدد سان کڻايو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، ھوڏانھن الزام ھيٺ ايندڙ غلام نبي ڪورائي جو چوڻ آھي ته ڄاڻايل زمين منھنجي آھي، جنھن جا اصل ڪاغذ مون وٽ موجود آھن، عدالت طرفان پڻ مونکي زمين ملي آھي، هن الزام هنيو ته احتجاج ڪندڙ اسان کان ڀتو وٺن چاھين ٿا، هوڏانهن ڌرين ۾ تڪرار سبب پوليس پهتي.