مورو(ن پ ا) مورو ويجھو دادو روڊ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ عورت مسمات نصيبان خاتون ۽ سندس مڙس نور الدين جمالي زخمي ٿي پيو، جن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي عورت کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪا رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نورالدين جمالي ٻڌايو ته اسان شھداد ڪوٽ کان نوابشاھ، وڃي رھيا ھئاسين جو اھڙو حادثو پيش آيو آھي گھر واري فوت ٿي وئي آھي.