مورو(ن پ ا) تعلقي مورو جي يونين ڪائونسل خير واهه کي سم نالي جي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، ٻڏڻ جو خطرو، سوين ايڪڙن تي فصل پڻ پاڻي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، ڳوٺ جمع خان چانڊيو لڳ جتوئي شڪار گاھ وٽان پاڻي جي گھڻي دٻاءَ سبب قمر آباد چانڊيو ڏانھن ويندڙ مين بند ٽٽي پيو شھر ۽ مختلف ڳوٺن جي بچاءَ لاءِ ڏنل بچاءِ بند ٽٽي پوڻ جي ڪري سم نالي جو پاڻي تيزي سان مختلف ڳوٺن، ڳوٺ سمي جو تڙ، ڳوٺ جمع خان چانڊيو، ڳوٺ خير محمد لاشاري، ڳوٺ ميهر علي لاشاري، ڳوٺ ڊاھو طرف وڌڻ لڳو آھي جڏھن ته بند ٽٽڻ جو سبب برساتي پاڻي رند موري کان ھيٺ ڇوڙ ڪرڻ آھي ان ڪري پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو ۽ يوسي خير واھ جو مين بند ٽٽي پيو ھاڻ ھن کي فوري طور بند نه ڪيو ويو ته ھن علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي.