مورو ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

0
20

مورو(ن پ ا)  مورو ويجھو ڳوٺ خالد آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان عمران ولد محمد خان ڪورائي فوت ٿي ويو آهي

نوجوان مزدوري دوران گاڊر مٿي کنيو جيڪو يارنھن ھزار والٽيج تار ۾ لڳو جتان بجلي جو ڪرنٽ لڳو ته بيھوش ٿي ڪري پيو، جنھن کي مورو اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي

نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي