مورو(ن پ ا) مورو ڀرسان هٿياربندن هٿان گوليون ھڻي قتل ڪيل واپاري جو سندس پٽ جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، خبر موجب گذريل ڏينهن ڳوٺ شيخو بھڻ واسي قومي شاهراھه تي گوليون ھڻي قتل ڪيل واپاري احمد نواز بھڻ جو ڪيس پٽ علي رضا بهڻ جي فرياد تي سڌوجا ٿاڻي تي 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ منظور علي عرف مجن بھڻ، طارق علي بھڻ، الطاف حسين بھڻ، غلام حسين عرف پپو بھڻ، سچيڏنو عرف بابو بھڻ، عبداللطيف بھڻ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اسان جو منظور علي وارن سان ڳوٺ مان رستي جي لنگھه تان جھيڙو ٿيو ھو، جيڪي مسلسل مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا ھئا، جن منھنجي والد کي پيڇو ڪري گوليون ھڻي قتل ڪيو، هوڏانهن ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.