مورو واقعي جي عدالتي جاچ بابت پٽيشن رد : پهريائين پوليس کي جاچ ڪرڻ ڏيو: هاءِ ڪورٽ

0
13
موري جهڙا واقعا سنڀالڻ پوليس جي ذميواري آهي، آءِ جي ڪاميٽي ڀلي جاچ ڪري : هاءِ ڪورٽ
موري جهڙا واقعا سنڀالڻ پوليس جي ذميواري آهي، آءِ جي ڪاميٽي ڀلي جاچ ڪري : هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءَ ڪورٽ جي آئيني بينچ مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن تي درخواستگذار قربان لغاري جي وڪيل چيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت مليل آهن، انهي ڪري عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، اهڙن دليلن بعد عدالت سنڌ حڪومت کي آءِ جي پاران جوڙيل ڪاميٽي ذريعي موري سانحي جي جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت درخواستگذارن جي وڪيل کي چيو ته جيڪڏهن اوهان پوليس جي جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ کان  مطمئن نه ٿيو ته ٻيھر اپيل ۾ اچجو،  ٻڌڻي دوران ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته جاچ لاءَ ڪو ٽائيم پيرڊ ڏنو وڃي، جنهن عدالت انڪار ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته مورو واسي قربان لغاري طرفان وڪيل ڪي بي لغاري، عامر نواز وڙائچ ، اشرف سمون، عاقب راڄپر، گل حسن ڀنڀرو، حسيب پنهور، مريد علي شاھ،  غلام رسول ۽ ٻيا پيش ٿيا.