ڄامشورو(رپورٽر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته مورو واقعو کانپوءِ ھن واقعي کي جواز ڄاڻائي سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙيون ايف آءِ آرون ڪري سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ھڪ دفعو ٻيھر خوف ۽ ڏاڍ جي روايت کي قائم رکڻ لاءِ ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آھن، مورو واقعي جون مختلف ٿاڻن تي ڪيتريون ئي ايف آءِ آرون داخل ڪرايون ويون آھن، جنهن ۾ سمورن متحرڪ ڪارڪنن ۽ ڪردارن مرتضيٰ خان جتوئي، مسرور خان جتوئي ۽ اسانجي پارٽي ڪارڪنن صمد حسين ڀٽي، اڪرم ڀٽي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪري کي حراثمينٽ ڪئي پئي وڃي سائين زين شاھ وڌيڪ چيو ته اسانکي اڳيئي ان ڳالهه جو خدشو ھئو ته مورو جو واقعو مينيجڊ دھشتگردي ھئي جنهن کي جواز بڻائي سنڌ جي پرامن قومي جمھوري سياست جي رستا روڪ ڪئي ويندي پر اسان زرداري مافيا ۽ سنڌ حڪومت جي سمورن غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن کي پرامن منظم قومي يڪجھتي سان منهن ڏينداسين ۽ پنهنجن ساٿين ۽ ڪارڪنن جي تحفظ جي قانوني ۽ عوامي سياسي جدوجهد جو رستو اختيار ڪنداسين ٻئي طرف ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو پارٽي جي ساٿين جي وڏي وفد سان گڏجي شھيد زاھد علي لغاري جي اباڻي ڳوٺ لغاري بجراڻي تڏي تي پھچي شھيد جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک ۾ شريڪ ٿيا.