مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ۾ گذريل ڏينھن کان شھيد نوجوان عرفان لغاري جو لاش ٿاڻي تي پوليس ڪسٽڊي ھيٺ ايمبولينس ۾ پيل آهي، لاش کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا آهن پر وارثن وصول نه ڪيو، وارثن انتظاميا آڏو پنج مطالبا رکي ڇڏيا آهن، جن جي نه مڃڻ جي صورت ۾ لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جا پنج مطالبا آھن، جيڪي تسليم ڪيا وڃن، جن ۾ پھريون مطالبو آهي ته گھرو وزير استعيفيٰ ڏئي يا ان کي ھٽايو وڃي، آءِ جي، ڊي آءِ جي ھٽايو وڃي، داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن، جيڪي نوجوان گرفتار ڪيا ويا آھن انھن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻن نوجوانن جي قتل ۽ زخمين جا ڪيس اسان وارثن جي مرضيءَ تحت وڪيل برادريءَ سان گڏجي جيڪي نالا ڏنا وڃن انھن تي داخل ڪيا وڃن، علائقي کي ڪڙو چاڙھيو ويو آھي اھو ختم ڪيو وڃي، وڌيڪ ڪارروايون نه ڪيون وينديون جنھن کانپوءِ لاش وصول ڪري سگھجي ٿو، ذريعن موجب پوليس ھڪ اڌ مطالبو تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻين کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، جن ۾ گرفتار ماڻھن کي آزاد ڪيو ويندو، پوليس جو ڪڙو ختم ڪري ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي، اٺن ڏينھن جي مھلت دوران عدالت سڳوريءَ مان ضمانتون ڪرائي سگھجن ٿيون، باقي مطالبا سندن وس کان ٻاھر آھن، ٻنھي پاسن کان ڪو مثبت حل نه نڪرڻ سبب ھن وقت تائين معاملو اتي ئي اٽڪيل آھي، آخري اطلاعن تائين شهيد نوجوان جو لاش وارثن وصول نه ڪيو هو.
وارثن سان گڏ آهيون، انتظاميا لاش واپس ڪري: قومپرست اڳواڻ
مورو: مختلف قومپرست اڳواڻ، وڪيل ۽ مختلف برادرين جا معزز تڏي تي پھتا، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، پنھل ساريو، عبدالفتاح چنو، ابرار مورائي ۽ ٻيا اڳواڻ شھيد زاھد لغاري جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، جڏھن ته شھيد عرفان لغاري جي تڏي تي پھچي وارثن کان سموري صورتحال متعلق معلومات ورتي ۽ مڪمل ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، ڊاڪٽر ڪالاڻي، رياض چانڊيو، پنهل ساريو، آڪاش ملاح، وڪيل نور محمد تنيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هي حڪومت جو ڏاڍ آهي، سنڌ جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪرڻ تي فائرنگ ڪري عرفان لغاري کي شهيد ڪيو ويو، اهڙي قسم جي سازشن سان سنڌ دشمن منصوبو ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا، هنن چيو ته اسان وارثن سان هر موڙ تي گڏ آهيون، انتظاميا کي وارثن جا مطالبا تسليم ڪرڻ گهرجن ۽ لاش سندن حوالي ڪرڻ گهرجي.
پاڻي خاطر عرفان جي ڏنل قرباني تي فخر آهي: وارث عورتون
مورو: عرفان لغاري جي امڙ ۽ ڀينرن چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان جي ڏنل قرباني تي فخر آهي، هنن چيو ته عرفان سنڌ جي حقن جي جنگ وڙهي شهادت ماڻي آهي، هنن چيو ته ڀلي نوجوانن جا لاش ڏنا وڃن پر اسان سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻنداسين، هنن جو چوڻ هو ته اسان ڪربلا جي شهيدن جا پوئلڳ آهيون، پاڻي خاطر هر محاذ تي پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.
پوليس جو ڪڙو برقرار، ڳوٺ بجراڻي لغاري ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند
مورو: صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ مختلف ضلعن جي پوليس اٽالن جي صورت ۾ موجود آهي ۽ ڳوٺ بجراڻي لغاري ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس موبائلون، آر آر ايف يونٽ بسون ۽ بڪتربند گاڏيون بيھاريون ويون آھن، جڏهن ته لغاري ٿاڻي تي ڊي ايس پي مورو ۽ ايس ايچ او مورو پڻ نفري سميت موجود آھن.
مورو واقعي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون، مظاهرا، ڌرڻا
ڪراچي(نمائندن وٽان) مورو واقعي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، ان ڏس ۾ ملير ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي، جيئي سنڌ قومي پارٽي ۽ جسقم پاران شاهد سومرو، اصغر باغي، وقار ڪوري، عرفان زهراڻي، فرحان گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ٺٽو ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي پاران راول ڪرناڻي، امجد شورو، حفيظ آزاد زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي، نيوسعيدآباد پريس ڪلب اڳيان جسقم آريسر گروپ جي الھبچائي ملاح رياض ديشي شرجيل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ويئي، سيوھڻ ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي جسقم ڪارڪنن ڪامريڊ اڪبر ملاح, شاھد ھاليپوٽو ۽ نثار سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڌمال چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. باڊھه ۾ تڪراري ڪئنالن ۽ موري واقعي خلاف محمد علي خشڪ، اصغر نوناري، مرتضيٰ گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. راڄوخاناڻي ۾ موري واسي نوجوانن زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري جي قتل ۽ قومي ڪارڪنن ھارون لغاري ‘ شعيب چانگ ‘ شعبان چانگ ‘ عمران چانگ ‘ ارسلان خاصخيلي ۽ ٻين کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لا۽ جسقم يونٽ راڄوخاناڻي طرفان منظر نين جوڻيجو، ابوبڪر نظاماڻي، وقاص نظاماڻي، مير ريحان ٽالپر، سورج سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپور بٺوري ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران مورو واقعي خلاف نعمان شورو، يوسف ڪنڀار، قادربخش زئور، جسقم جي اڳواڻ عبدالغفور چانگ، جسقم بشير خان جي فاضل خاصخيلي ۽ ٻين ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ صوفي شاھ عنايت شھيد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آھي. ٽنڊي باگي مرزا گروپ جي اڳواڻ دلبر سنڌي، فصل چيما جي اڳواڻي ۾ باگو واه پل واري چوڪ تي مظاھرو ڪيو ويو، سانگهڙ ۾ صحافين، اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن عاجز منگي، جبار جوڻيجو ۽ قاسم عادل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، فيض گنج ۾ مورو واقعي خلاف جسقم پاران عطا حسين شر، ساجد شر، امتياز شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪتر مهراڻ هاءِ وي تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، قمبر ۾ ضلعو سينگاريو ڪاميٽي طرفان واجد گوپانگ، رابيل چانڊيو،نادر تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته تڪراري ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا، احتجاج ڪندڙن جا لاش به قبضي ۾ ورتا پيا وڃن، جيڪو سراسر ظلم آهي، سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ ھٿ وٺي حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪري عرفان لغاري جو لاش وارثن حوالي ڪيو وڃي.