مورو (ن پ ا) مورو شهر جي سيال محلا واسي استاد غلام مرتضيٰ لغاري مورو کان حيدرآباد ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويو، سندس گهر ڀاتين معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن فريده لغاري، غلام فاطما، سنڌو، لاڏلي، نرجس، ڪونج ۽ ٻين چيو سندن ڪنھن سان به دشمني ناهي، هنن چيو ته اسان جو نوجوان پرائمري استاد آهي، جنهن جو ڪنهن به قوم پرست پارٽي يا ڪنهن تنظيم سان واسطو ناهي، خبر ناهي کين ڇو گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته کين شڪ آهي ته استاد کي حساس ادارن کنڀي گم ڪيو آهي، هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته گم ٿيل استاد جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.