مورو: لنجار ھائوس تي حملي جا مرتضيٰ ۽ مسرور جتوئي خلاف 2 ڪيس داخل، ايس ايس پي تبديل

0
52
مورو: لنجار ھائوس تي حملي جا مرتضيٰ ۽ مسرور جتوئي خلاف 2 ڪيس داخل، ايس ايس پي تبديل
مورو: لنجار ھائوس تي حملي جا مرتضيٰ ۽ مسرور جتوئي خلاف 2 ڪيس داخل، ايس ايس پي تبديل

مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ۾ لنجار ھائوس تي حملي ۽ باھيون ڏيڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور جتوئي ۽ ٻيا چرچ ڏيندڙ طور نامزد، وڳوڙ نه روڪڻ تي ايس ايس پي تبديل، خبر موجب مورو ۾ گھر وزير ضياءَ الحسن لنجار جي ھائوس تي حملي ۽ باھيون ڏيڻ جو ڪيس 29 سڃاتلن ۽ 45 اڻ سڃاتلن مٿان داخل ڪيو ويو، سرڪار طرفان ايس آءِ پي علي مردان لاشاري جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ وشال لغاري، امير، شمن، شھزادو، مجن، سليم، مزمل، ناشاد، شھباز، قلب، وقار عرف مولائي، ممتاز، مير مرتضيٰ، اسد علي لغاري ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ٻيو ڪيس پيپلز پارٽيءَ جي تعلقي صدر ڪائونسلر دوست علي سولنگي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ 29 سڃاتلن جوابدارن انصاف، وشال، شھزاد، آصف علي، قطب، قلب لغاري، پرويز چانڊيو، اصحاب چانڊيو، عمران جويو، عامر ڪلھوڙو، صمد ڀٽي، اڪرم ڀٽي، سجاد کوکر، ممتاز سولنگي، منظور رند، شھباز، نذير، نثار لغاري، غفار ڪورائي، پرويز ڪورائي، غلام مرتضيٰ، مشھود، وسيم لغاري، مومن، صدام، شاھن لغاري، اظھر لغاري کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 45 اڻ سڃاتل شامل آھن، سرڪاري توڙي پرائيويٽ فريادي ڪيسن ۾ اين پي پي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور جتوئي، باز محمد سيال، اعجاز لغاري، غازي لغاري، سنڌ سڀا ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳواڻن جي چرچ ڏيکاري وئي آھي، ڪيسن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ جي گھرو وزير جي مورو واري لنجار ھائوس تي لٺين، ڏنڊن، سروٽن، پٿرن ۽ مختلف آٽوميٽڪ ھٿيارن سان ماڻھو پھتا جن ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ باھيون ڏنيون ۽ موجود ملازمن کي ڌمڪائيندا رھيا، فريادين ڄاڻايو آھي ته پھتل ماڻھو چوندا رھيا ته اسان کي پنھنجي وڏن غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، باز محمد سيال، اعجاز لغاري، غازي لغاري، بھاول لغاري سنڌ سڀا ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جي چيئرمين جو حڪم آھي ته ھائوس کي ساڙيو ۽ خوف هراس پکيڙي ڇڏيو، هوڏانهن مورو ۾ احتجاج دوران ٿيل پرتشدد واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگھار ملڪ عهدي تان فارغ، بشير بروهي ايس ايس پي نوشهروفيروز مقرر، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگھار ملڪ کي عهدي تان هٽايو ويو، کيس فوري طور سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ايس ايس پي اي وي ايل سي بشير احمد بروهي کي بدلي ڪري ايس ايس پي نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو، ذريعن موجب مورو ۾ احتجاج دوران ٿيل ڀڃ ڊاهه، ملڪيتن کي ساڙڻ وارن واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي سنگھار ملڪ کي هٽايو ويو آهي.

معاملي ۾ پري پري تائين اڳواڻن جو واسطو ناهي: مرتضيٰ جتوئي

مورو: مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، باز محمد سيال، اعجاز لغاري، بھاول لغاري، غازي لغاري ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي، هن چيو ته معاملي ۾ پري پري تائين نيشنل پيپلز پارٽي اڳواڻن جو واسطو ناهي، سياسي انتقام وٺڻ لاءِ نالا ڏنا ويا آھن، جنھن جي صاف شفاف جوڊيشل انڪوائري جوڙي وڃي. مرتضيٰ جتوئي جي گھرواري نوين جتوئي چيو آھي ته اسان پاڪستان ٺاهڻ وارن مان آھيون، اسان جون ملڪ لاءِ بي انتها قربانيون ڏنل آھن، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جنهن ڳوٺ جو قومي ڪارڪن قتل ٿيو آھي، سياسي طور سدائين اسان جا اهي مخالف رهيا آھن، 2008ع جي چونڊن ۾ هن ڳوٺ وارن مسرور جتوئي جو گهيرو ڪري حملو ڪيو هو، جنھن بعد ڄاڻايل ڳوٺ وارن سان اسان جا رستا الڳ آھن، ھن چيو ته اسان کي اسٽيٽ جو زبردستي مخالف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته اسان اسٽيٽ خلاف ٿيڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون، ھن چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجھه ڪيو ويو آھي ۽ سياسي انتقامي ڪارروائي جي ڪري اسان جي خاندان کي ڦاسايو پيو وڃي، ھن چيو ته گهرو وزير جي بنگلي تي سيڪيورٽي ڇو نه هئي؟ ھن چيو ته انهن پاڻ سمورو ڊرامو ڪيو آھي، جيڪي اسان جي خاندان خلاف آھن پر  اسان انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ھن چيو ته سياسي طور ڪئنالن واري مامري تي اهي حڪمران عوام آڏو وائکا ٿي چڪا آھن

مورو: زاهد لغاري جي تدفين، جنازي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت

مورو(ن پ ا) مورو ۾ قومي شاهراهه تي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ شھيد ٿيل نوجوان زاھد لغاري جي جنازي نماز ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين، شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز مذھبي اڳواڻ اياز ڪمي پڙھائي، جنهن بعد شھيد جي مڙھ کي قومي جھنڊي سان سلامي ڏئي ڌرتيءَ ماءُ جي ھنج ۾ سمھاريو ويو، هوڏانهن تڏي تي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي، ڪالهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، ھاشم کوسو، خالد ٻگھيو، ڪامريڊ وينگس، ايڊووڪيٽ منور تنيو، ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ قادر بخش ڪورائي، ايڊووڪيٽ امين الدين خاصخيلي، صحافين، بالا بلوچ، منظور خاصخيليءَ، استاد الھبچايو لغاري، آصف جوڻو تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته اسان پنھنجي جياپي سنڌو درياءَ جي پاڻي، سنڌ ڌرتيءَ جي زمين جي والار خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ لاءِ پھتا ھئاسين پر ان کي پوليس پرائيويٽ ماڻھن سان گڏجي پر تشدد بڻائي گوليون وسايون آھن ۽ اسان جو نوجوان شھيد ڪيو، هنن چيو ته انصاف لاءِ عدالت ۾ وينداسين.