مورو (ن پ ا) لنجار هائوس جي باھه واري ڪيسن ۾ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ملڻ کان پوءِ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ڀاءُ مسرور جتوئي ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس ۾ پهتا، جتي ڪيس ۾ مقرر جاچ آفيسر محرابپور جي ڊي ايس پي اظهار لاهوري جتوئي ڀائرن کان 161 جا بيان وٺڻ کان لوائيندو رهيو ۽ هن بيان رڪارڊ نه ڪيا، ان کان پوءِ جتوئي ڀائر جيئن سي آر او جي آفيس ۾ داخل ٿيا ته اتي ويٺل انچارج آصف کوسو پڻ جتوئي ڀائرن جو سي آر او ڪرڻ کان لنوائيندو رهيو ۽ جواب ڏنو ته اسان جو سي آر او سسٽم فيل ٿي ويو آهي، ان ڪري جتوئي ڀائرن جو سي آر او نٿا ڪري سگهون، مرتضيٰ جتوئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان مٿان پوليس جي داخل ڪيل ڪيسن ۾ اسان کي گرفتار ڪرڻ کان پوليس کي جهليندي اسان کي عبوري ضمانت ڏيڻ وارو حڪم جاري ڪيو آهي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان جهليو آهي، پر هتي ڪيس جو انچارچ اسان کان 161 جو بيان وٺڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري سي آر او ڪيو ٿو وڃي، هن چيو ته اسان هتي هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت ڪرائي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي آفيس آيا آھيون، مسرور جتوئي چيو ته اسان کي معلوم ناھي ته آخر ھاءِ ڪورٽ جي منع ڪرڻ باوجود ڇو ڪيس مٿان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اسان قانون موجب پنھنجو منھن ڏئي رھيا آھيون، ھميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي، جتوئي ڀائر سي آر او نه ٿيڻ ۽ 161 جا بيان نه ٿيڻ کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتا، هنن چيو ته اسان عدالت کي آگاهي جي درخواست ڏئي رهيا آھيون.