مورو (ن پ ا) مورو جي سرڪاري اسپتال ۾ اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق سولنگي پنھنجي ٽيم سميت دورو ڪيو، جنهن دورن ايم ايس بدرالدين ابڙو موجود نه هو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن موجود ڊاڪٽرن ۽ عملي کان معلومات ورتي، اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊي ايچ او کي طلب ڪيو، جنھن کان اسپتال جي مڪمل بجيٽ ۽ ٿيندڙ خرچن جا تفصيل رڪارڊ سميت گھري ورتا، وزٽ دوران ڊيوٽي تان غير حاضر رھندڙ ڊاڪٽرن ۽ ملازمن بابت پڻ پڇاڻو ڪيو ويو، اينٽي ڪرپشن ٽيم مسٽرول بوڪ جون ڪاپيون ۽ ٻيو رڪارڊ پاڻ سان کڻي وئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جي اچانڪ وزٽ دوران اسپتال عملي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.