مورو(ن پ ا) مورو جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت اڳواڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري مٿان داخل ٿيل ڪيس ختم ڪري باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسماعيل ڏاھري مٿان مورو ٿاڻي تي مسمات بچل زال حاجي خان سولنگي گھر ۾ داخل ٿي اغوا ۽ مارڪٽ جو ڪيس داخل ڪرايو ھو، جنھن جي ٻڌڻي ھلندڙ ھئي، ٿيندڙ ٻڌڻين ۾ فريادڻ توڙي شاھد پيش نه ٿيڻ بعد ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار محمد اسماعيل ڏاھري تي ثابتي نه ٿي جنهن ڪري عدالت ڪيس ختم ڪندي کيس باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ياد رھي ته اسماعيل ڏاھري مٿان مورو سميت مختلف ٿاڻن تي تقريبن 13 ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا جن ۾ ضمانت حاصل ڪئي آھي جن مان صرف مورو وارو ڪيس ختم نه ٿيو هو، جنھن ۾ پڻ باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏھن ته باقي ڪيس عدالتن ۾ ھلندڙ آھن، جتي وڊيو ڪال ذريعي اسماعيل ڏاھري جي پيشي ٿيندي آھي.