لنڊن/نئين دهلي(م ڊ) برطانيا ۽ هندستان وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي طئي ٿي ويو، نئين دهلي مان خابرو ايجنسي موجب برطانيا جي وزير اعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ هندستان جي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. ڀارتي وزيراعظم مودي جو چوڻ هو ته وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سان ڳالهائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هندستان ۽ برطانيا وچ ۾ گڏيل مفادن وارو آزاد واپاري معاهدو طئي ٿي ويو، معاهدي سان هندستان برطانيا جامع اسٽريٽيجڪ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿيندي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سرمائيڪاري ۽ نوڪرين جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو.