لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) زيبسٽ ڪئمپس لاڙڪاڻو پاران نريندر مودي جي مسلمانن جي نسل ڪشي کي عالمي دنيا آڏو وائکو ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر شاهه خطاب ڪندي چيو ته نريندر مودي 2002ع کان وٺي هن وقت تائين مسلمانن جو قتل عام ڪندو پيو اچي، جڏهن ته انڊيا جي هڪ ارب 21 ڪروڙ آبادي مان 37 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آهي، هن چيو ته 2002ع ۾ جڏهن نريندر مودي گجرات جو وڏو وزير هو ته هن هزارين مسلمانن کي ساڙي اجل جو شڪار بڻايو، جنهن سانحي ۾ 3 انگريز به شامل هئا، سانحي جي برطانيا صاف ۽ شفاف جاچ ڪري مودي کي ڏوهي قرار ڏنو ته اهو واقعو سندس سوچيل سمجهيل عمل هو، هن چيو ته مهاتما گانڌي کي ماريندڙ نٿو رام آر ايس ايس جو ڪارڪن هيو ۽ اها آر ايس ايس 1934ع ۾ ٺاهي وئي هئي، نريندر مودي پاڻ جڏهن 8 سالن جو هيو ته هو آر ايس ايس جو اعزازي ميمبر بڻيو، جنهن بعد 1948ع ۾ مهاتما گانڌي ان تنظيم تي پابندي مڙهي هئي جنهن ڪري مهاتما گانڌي کي قتل ڪيو ويو، سيمينار کي پروفيسر ڊاڪٽر ضمير سومرو، گلشير سومرو، مرتضيٰ ڪلهوڙو، نياز ابڙو، نديم سومرو، نصير کهاوڙ، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڃتا طور شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.