واشنگٽن: هندستاني وزيراعظم نريندر مودي جي واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات تي وائيٽ هائوس سامهون ڪشميري ۽ سک برادري طرفان وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ ڪشمير ۽ خالصتان جا جهنڊا ۽ بينر کنيل هئا، سک ڪميونٽي جو وڏو تعداد مظاهري ۾ شريڪ هو. مظاهرين آزاد وطن خالصتان جي حق ۾ زوردار نعرا هنيا، مظاهري دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، پوليس گهرائي وئي، سک مظاهرين جو چوڻ هو ته هندستان ۾ نريندر مودي اقليتن جي حقن کي نظرانداز ڪري انهن سان ظلم ڪري ٿو، صدر ٽرمپ کي مودي جي ظالماڻي ۽ انسانيت دشمن قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي.