اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڀارتي حڪومت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو، سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڀارت پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي هنيو، سچائي سامهون اچڻ تي مودي سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي عوام جو آواز آهي، اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ ڀارت جي ڪوڙ کي وائکو ڪري ٿو. هوڏانهن باني پي ٽي آءِ عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ به بلاڪ ڪيو ويو آهي.