ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراھه  ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته  ڀارت مذھبي ۽ جنوني رياست آھي، جيڪا پوري خطي لاءِ وڏو عالمي خطرو آھي. ڪالهه بھادرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته پاڪستان ڪڏھن به جنوني کي پنھنجو سربراهه ناھي چونڊيو پر ڀارت ۾ مودي جهڙا جنوني ۽ انتھا پسند حڪمران آھن هن چيو ته پاڪستاني فوج سرحدن ۽ پاڪستان جو استحڪام جو تحفظ ڪندي،اسين سب انھن سان گڏ آھيون. ھن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفو ختم ڪيو آھي، جنهن جو انهن وٽ اختيار  ناھي، هن چيو ته والاريل ڪشمير قيد خانو آھي. ڀارت پاران فالس فليگ ذريعي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اسان ڀارتي جارحيت خلاف سينيٽ ۽  سنڌ اسيمبلي ۾ قردادون پيش ڪنداسين.