ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ  مودي سرڪار پاران پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ايڪس اڪائونٽ تي پابندي وجهڻ  جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ڀارتي حڪومت بلاول ڀٽو جي ايڪس اڪائونٽ کي بلاڪ ڪري بزدلي جي هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي. بلاول ڀٽو جي اڪائونٽ تي پابندي صرف ڊجيٽل سينسرشپ ناهي پر اها مودي حڪومت ۽ بي جي پي اندر لڪل سچائي کان خوف جي واضح نشاني آهي. هن  چيو ته بلاول ڀٽو ڪشميري عوام جو آواز، جمهوري قدرن جو نمائندو ۽ خطي ۾ امن جو علمبردار آهي. هن چيو مودي سرڪار هر انهي آواز کي دٻائڻ لا سندرو ٻڌي بيٺل آهي جيڪا سندس انتها پسند هندوتوا نظريي کي للڪاري ٿي. سندن اهو قدم دهشتگرد ڀارتي حڪومت ۽ دهشتگرد بي جي پي جي خوف، اڻ سھپ ۽ سفارتي محاذ تي مڪمل ناڪامي کي واضح ڪري ٿو.