نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي سياستدان تيجاشوي يادو چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جي حق ۾ آواز اُٿاري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي رياست بهار جي اڳوڻي وڏي وزير لالو پرساد يادو جي پٽ ۽ سياستدان تيجا شوي يادو ڀارتي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته راندين ۾ سياست کي شامل ڪرڻ مناسب عمل نه آهي. سندس چوڻ هو ته ڇا اولمپڪس ۾ هر ڪو هڪٻئي سان مقابلو ناهي ڪندو؟ ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ڇو نه ٿي وڃي سگهي؟ تيجاشوي سوال اُٿاريو ته ” جڏهن ته نريندي مودي برياني کائڻ لاهور وڃي سگهي ٿو ته ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان موڪلڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟.