لنڊن(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پهريان به امن گهريو ۽ هاڻي به امن چاهي ٿو، ڪشمير ۽ دهشتگردي سميت سمورن مسئلن جو حل جنگ نه پر ڳالهيون آهن، پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت جنهن دڳ تي پاڪستان کي وٺي وڃڻ گهري ٿو، اهو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ناهي، ڀارت ۾ ڪوبه دهشتگردي جو واقعو ٿئي ٿو ته ان جو اهو مطلب ناهي ته جنگ ڪرڻي آهي، پاڪستان جو موقف ايترو سگهارو آهي جو اسان کي دنيا آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي ناهي، ڀارت جو موقف ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ان ڪري هُن لاءِ پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ ڏکيو آهي