جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جان محمد ٽالاڻي ڪالوني ۾ موبائل استعمال ڪرڻ  تي آصف لنجواڻي پنهنجي ڀاڄائي سلميٰ کي گولي هڻي زخمي ڪري وڌو، پوليس زخمي عورت کي اسپتال پهچايو، پوليس موجب عورت جي وارثن موجب ته جوابدار ڏير موبائل استعمال ڪرڻ تي ڀاڄائي کي گولي ھنئي آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن