موبائل فون کي چارج ڪرڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو چارجر کي آئوٽ ليٽ ۾ ئي ڇڏي ڏيندا آهن پر اهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.بجلي جي غير ضروري استعمال کان وٺي چارجر سڙڻ توڙي باهه لڳڻ جي امڪاني خطرن تائين چارجر کي پلگ ان ڇڏڻ جا نتيجا سنگين آهن.ان خبر ۾ اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته اها عادت ڪيتري قدر نقصانڪار ٿي سگهي ٿي؟

باهه جو خطرو

اڄ جي جديد دور ۾ پلگ ان فون چارجرن جو گهرن ۾ استعمال عام ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو فون چارج ڪرڻ کانپوءِ به چارجر آئوٽ ليٽ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن، جيڪو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.ماهرن موجب توهان جي فون سلهاڙيل نه هجڻ تي به چارجر ٿوري مقدار ۾ پاور ڇڪيندو آهي، وقت گذرڻ سان توانائي جو مسلسل استعمال چارجر کي وڌيڪ گرم ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، سستا ۽ پراڻا چارجر گهڻا گرم ٿيڻ سان چڻنگون ڇڏڻ، ڳرڻ، ايتري تائين جو باهه لڳڻ جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿا.

بجلي جو زيان

ڪا به شئي چارجر نه ڪرڻ باوجود هڪ پلگ ان چارجر بجلي استعمال ڪندو آهي، توڙي جو استعمال ٿيندڙ بجلي جو مقدار گهٽ آهي پر ان سان توانائي ضايع ضرور ٿيندي آهي.

بجلي جا جهٽڪا

جيڪڏهن اوچتو بجلي جو جهٽڪو لڳي ٿو ته هڪ پلگ ان چارجر کي نقصان پهچي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو وڃي ته اهو خطرناڪ به ٿي سگهي ٿو.

شارٽ سرڪٽ

هڪ چارجر جو پلگ ان رهندو ته اهو شارٽ سرڪٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان توهان جي گهر ۾ باهه لڳڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان چارجر استعمال نه ڪري رهيا آهيو ته ان کي پلگ مان ڪڍي ڇڏيو.