اڄڪلهه هر ڪو سمارٽ فون استعمال ڪري ٿو ۽ ڪجهه اهم شين جو خيال نه رکڻ سان موبائل فون اڪثر سست (هينگ) ٿيندي رهندي آهي.
پر پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هنن ٽپس تي عمل ڪري توهان پنهنجي سمارٽ فون کي سست (هينگ) ٿيڻ کان بچائي سگهو ٿا.
موبائل کي ريبوٽ ڪيو
جڏهن موبائل هينگ ٿئي ته پهريون قدم ان ريبوٽ ڪرڻ آهي، ريبوٽ ڪرڻ سان عارضي مسئلا حل ٿي ويندا آهن.
بيڪ گرائونڊ ايپليڪيشنز کي بند ڪريو
بيڪ گرائونڊ ۾ هلندڙ گهڻيون ايپس موبائل جي ڪارڪردگي تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون، سيٽنگز ۾ وڃي بيڪ گرائونڊ پروسيسز کي بند ڪيو.
ميموري جو جائزو وٺو
جيڪڏهن موبائل ۾ تمام گهڻا فائل، تصويرون يا وڊيوز گڏ ٿي چڪيون آهن ته ان کي صاف ڪيو، ان سان به موبائل جي رفتار بهتر ٿي ويندي آهي.
ڪيشي کي صاف ڪيو
هر ايپ ۾ ڪيشي ڊيٽا رکيل هوندي آهي، جيڪا موبائل جي ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، ايپليڪيشن سيٽنگز ۾ وڃي ڪيشي صاف ڪيو.
سافٽ ويئر اپڊيٽ ڪيو
ڪڏهن ڪڏهن موبائل هينگ ٿيڻ جو سبب سافٽ ويئر ۾ ڪو مسئلو ٿي سگهي ٿو، يقيني بڻايو ته توهان جو موبائل تازو ترين سافٽ ويئر ورجن تي اپڊيٽ ٿيل هجي.
اينٽي وائرس چيڪ ڪيو
جيڪڏهن توهان جي موبائل ۾ وائرس آهي ته اهو به مسئلو پيدا ڪري سگهي ٿو، اينٽي وائرس ايپ استعمال ڪيو ۽ موبائل کي اسڪين ڪيو.
فيڪٽري ري سيٽ
جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل سڀئي ڪم ڪرڻ باوجود موبائل جي ڪارڪردگي بهتر نٿي ٿئي ته آخري حل فيڪٽري ريٽ سيٽ آهي، ان سان موبائل مان سموري ڊيٽا جو خاتمو ٿي ويندو ۽ سيٽنگ به اڳ جهڙي ٿي ويندي، مطلب توهان جو موبائل صفا نئون ٿي ويندو.