ڪوئيٽا: حملي واري جاءِ تي موبائل ۽ ٽيليفون نيٽ ورڪ نه هجڻ سبب ٽرين عملي سان رابطو ڪٽجي ويو، جنهن سبب ساڻن رابطو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جعفر ايڪسپريس 9 بوگين تي مشتمل هئي، جنهن ۾ 400 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، ٽرين عملي ۽ مسافرن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.