بدين(رپورٽر) موبائل فون نه ٿا وٺي ڏيو؟ بدين ۾ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب بدين شھر ڀرسان ڳوٺ آچار چانڊيو ۾ 17 سالن جي نوجوان عبدالله پٽ علي غلام چانڊيو پنھنجي گھر جي ڪمري ۾ ڇت جي گارڊر سان رسو ٻڌي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، وارثن پاران اطلاع ڪرڻ تي بدين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي انڊس اسپتال بدين پھچايو ۽ ضروري ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، خودڪشي جي ڪارڻ بابت معلوم ٿيو آھي ته فوتي عبدالله جي ڪجھه ڏينھن کان مائٽن سان موبائل فون وٺي نه ڏيڻ تان ناراضگي ھلندڙ ھئي، جنھن جي ڪري جذبات ۾ اچي ھن اھڙو قدم کنيو آھي، فوتي نوجوان عبدالله جي والد علي غلام ماڊل ٿاڻي بدين تي خودڪشي ڪرڻ جي رپورٽ داخل ڪرائي آھي.