موبائل فون جي دنيا ۾ نئين جدت ۽ ڪانسيپٽ … جاويد حالتي

0
159
موبائل فون جي دنيا ۾ نئين جدت ۽ ڪانسيپٽ ... جاويد حالتي

  توهان سائنس جي نعمتن کان انڪار نه ٿا ڪري سگهو. انساني عقل وڏي وٿ آهي . سنڌ جي سماج ۾ نوجوان ايترو ته مسئلن ۾ ڦاٿل آهي جو اهي سائنس کان ڪوهين ڏور آهن . اڄ جي هي تحرير سنڌي نوجوان لاِءِ آهي .

                          هي آهن عمران چوڌري ۽ ان جي گهر واري بيٿني … هي ٻئي Apple جا اڳوڻا ملازم آهن عمران ايپل جو ڊزائينر هيو ۽ هن اتي ويهه سال ڪم ڪيو  جتي هن ڪيترن ئي آءِ فون ‘ آءِ پيڊ ۽ ٻين ڊوائيس سميت ايپل فون جو انٽرفيس پڻ ڊزائين ڪيو .

                         بيٿني ايپل ڪمپني جي ڊائريڪٽر هئي ۽ هي اتي IOS جي سمورن پروجيڪٽ جي زميوار هئي . هنن ٻنهي 2018 ۾ پنهنجي ڪمپني #Humane ٺاهي. ڪجهه ڏينهن اڳ انهن پنهنجي پهرين برانڊ جي نمائش ڪئي ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڌماڪو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ انهن جي برانڊ کي موبائل فون جو متبادل سڏيو پيو وڃي .

                         هيومين وارن هڪ Variable AI Assistant ٺاهيو آهي هي اوهان جي سمارٽ فون جا سمورا ڪم ڪندو . ان فون کي Humane AI pin جو نالو ڏنو ويو آهي .

ان ۾ ڪيمرا ۽ مائيڪ به لڳل آهن ۽ پروجيڪٽر تي توهين ان سان ڳالهائي ان کي هدايتون ڏيندا ۽ ڪال ڪري سگهندا ميسيج ڪندا ۽ هي اوهان جي لائيو ڪال کي Translate  به ڪندو ۽ ان جو ليزر  پروجيڪٽر اوهان جي هٿ تي اوهان کي Display ڏيندو .

اوهان ان تي ٽائيم به ڏسي سگهندا ۽ جيڪڏهن اوهين مصروف هوندا ته هي اوهان جي ڪال ۽ ميل جو جواب پڻ ڏيندو.

هي اوهان جي صحت ۽ کائن پيئڻ جو به خيال رکندو . اوهان کي جيڪا شي کائڻي آهي صرف اوهان ان جي آڏو رکندا ته هي اوهان کي ان بابت آگاهه ڪندو ته هي شي کائڻ اوهان لاءِ بهتر آهي يا نه ؟ اهو به ٻڌائيندو.

عمران چوڌري ۽ بينٿي جي Humane ڪمپني ۾ ٻين ملٽي نيشنل ڪمپنين 200 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي جنهن ۾ Micro soft ۽ LG فون به شامل آهن .

 هيومين جي هي ڊوائيس فون آرٽيفيشل انٽيلجنس سسٽم جو ڀرپور استعمال آهي ۽ هن ۾ Qualcom جي چپ لڳل آهي ۽ ڪوالڪم پڻ هيومين جو وڏو انويسٽر آهي .

هن ڊوائيس جي شروعات کي Humane کي ايپل ڪمپني ۽ آءِ فون جو قاتل سڏيو پيو وڃي . ڪمپني هن ڊوائيس جي قيمت 700 ڊالر رکي آهي ۽ 16 نومبر 2023 کان هن جا آرڊر وٺڻ شروع ڪيا ويندا .

سنڌ جا نوجوان دنيا علم وارن جو قدر ڪندي آهي پنهنجي ذهانتن جو استعمال ڪريو هي دنيا اوهان کي پنهنجو ڪندي . دنيا ۾ عقل ‘شعور ۽ سوچ سان جدتن کي اپنايو .  (فيس بوڪ تان ورتل)