مهين جي دڙي جي کوٽائي جا سو سال ۽ رازن تي پيل پردو

0
33
مهين جي دڙي جي کوٽائي جا سو سال ۽ رازن تي پيل پردو

 جنهن کي دنيا “مهين جو دڙو” چئي ٿي، عالم جي آڳاٽن آثارن ۾ ڳڻي ٿي، اهو اصل ۾ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن 2022ع ۾ سنڌ جي تهذيب جي اعلى سڃاڻپ جا گُڻ ڳائجن ٿا ته ان جو ڪارڻ هڪ سو سال اڳ 1922ع ۾ ان دڙي جي کوٽائي آهي جنهن کي موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو يا مهين جو دڙو چيو ويندو آهي. 1922ع تائين سنڌ بابت تاريخن ۾ سنڌ جو به هڪ عام خطي طور ذڪر هو پر ان کوٽائي سنڌ جي نه رڳو سڃاڻپ پر ان جي تاريخ کي به نوان رخ ڏئي ڇڏيا. سنڌو سڀيتا جي حوالي سان اها ڳالهه هن وقت تائين حتمي طور سامهون اچي چڪي آهي ته اها 7000 قبل مسيح کان هئي. اهو تصور هڙاپا جي کوٽائي سان سامهون آيو. مهر ڳڙهه ان تي مُهر ثابت ٿي. مهينن جي دڙي سان ثابت ٿيو ته اهو 25 سو قبل مسيح هڪ سڌريل ترين شهر هو. جنهن کي اڄ جي دور ۾ ميٽروپوليٽن چيو ويندو آهي.

                 هونئن ته سنڌ جي ان تهذيبي ورثي کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر ان تي هلندڙ تحقيق کي ڏٺو وڃي ته اها ان عالمي سطح جي ناهي جهڙي مايا تهذيب بابت ٿي هجي يا سميري، چيني ۽ مصري تهذيبن بابت ڪئي وئي هجي. سنڌو ماٿريءَ جي هن ماڳ بابت رڳو ايترو ٻڌايو پيو وڃي ته هي قديم ترين شهرن مان هڪ آهي، ان مان هٿ آيل شين جا ڪجهه تفصيل سامهون آيا آهن. ان جي رهڻي ڪهڻي جو اندازو لڳايو ويو آهي. ان ۾ به ڪوشڪ انهي ته ايڪويهين صديءَ دوران سنڌو سڀيتا جي هن ماڳ تي دنيا جي مختلف ليکڪن جا ڪتاب ۽ مقالا جام آيا آهن. ڪجهه سالن کان مهين جي دڙي سميت سنڌ ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ ڪانفرنسون به ٿيون آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن پوريل شهر بابت حقيقتون ٽيهه سيڪڙو تائين به سامهون ناهن آيون. چيو اهو ويو آهي ته هن جي هن وقت ظاهر سطح کان وڌيڪ آڳاٽيون سطحون يا تهه اڃان هيٺ آهن. جن جو تعداد ستن تائين ٻڌايو وڃي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته انساني زندگيءَ جا اڃان گهڻا ڳجهه زمين جي اندر آهن. جيڪڏهن رڳو آثار ظاهر ڪبا ته ان جي اهميت آرڪيالاجي جي علم ۾ ته تمام گهڻي هوندي پر اصل  سوال اهو آهي ته تاريخ جو ڇيڙو هٿ ٿئي ۽ انساني زندگيءَ جي وهنوار جا حقيقي ڳجهه سامهون اچن. هڪ سو سال گذرڻ باوجود اسڪرپٽ واور معاملو به حل ناهي ٿي سگهيو، جيتوڻيڪ ڪجهه اڳڀرايون سامهون اينديون رهيون آهن پر تصديق ٿيل ڪا به ڳالهه ناهي مڃي وئي. تاريخ جي حقيقت به اسڪرپٽ وسيلي ئي سامهون اچي سگهي ٿي. هن شهر جي ڪيل واپار ۽ ٻين خطن سان رابطن ۽ تعلقاتن جي خبر به لکت جي پڙهجڻ سان سامهون اچي سگهي ٿي.

جيڪڏهن ماهر اهو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا ته رڳو سنڌ جي نه پر دنيا جي تاريخ جا ڪيئي رخ سامهون اچي سگهن ٿا. شهر جي سموري ڪرت ۽ صورتحال کي سامهون آڻڻ لاءِ مهين جي دڙي جي نئين سري سان کوٽائي وارو عمل ڪرڻ انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي. هي رڳو هڪ حڪومت يا صوبي جو ڪم ناهي پر ان لاءِ عالمي شموليت هجڻ ضروري آهي. يونيسڪو وارن ويهين صديءَ دوران هن سائيٽ کي عالمي ورثو ته قرار ڏنو پر سچ اهو آهي ته اها سنجيدگي نظر ناهي آئي جيتري اهم هي سائيٽ آهي. ان سلسلي ۾ اُهي اڳڀرائي ڪري سگهن ٿا. يقيني طور ان ڪم لاءِ تمام گهڻو ناڻو گهربل هوندو ۽ دنيا جي ماهرن سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال به اوس انتهائي ضروري آهي. ٽيڪنالاجي هن شهر کي نئين انداز سان سامهون آڻي سگهي ٿي جو لڳي ايئن ٿو ته هي شهر به ان وقت جي ٽيڪنالاجي وارو هو. سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن کي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جون اهي رپورٽون به گهرائڻ گهرجن جيڪي سنڌو ماٿري ۽ ان جي تهذيب بابت بيٺڪيت جي دور ۾ ماهرن جوڙيون هيون، جن ۾ ڏيهي توڙي انگريز ماهر به شامل هئا.

اهي رپورٽون انتهائي اهم نوعيت جون آهن ۽ انهن کي يونيسڪو معرفت هٿ ڪري سگهجي ٿو يا وري ٿي سگهي ٿو ان وقت جي برطانوي بادشاهي حڪومت به هڪ ٻه سيٽ پنهنجي ريڪارڊ لاءِ رکيا هجن. ٻي ڳالهه ته سميري، مصري، چيني ۽ مايا تهذيبن سان به سنڌو تهذيب جو واسطو رهيو آهي. سمنڊن ۽ دريائن جي تاريخ توڙي انهن جي قدامت بابت سائنسي رپورٽون به گڏ ڪجن، مهين جي دڙي واري سائيٽ جي باٽني ۽ زولاجي وارن علمن آڌار به سروي ڪرائجي ته هوند اهڙا نوان رخ سامهون اچي سگهن ٿا جنهن سان اڄ جو انسان دنگ رهجي وڃي. اهو به سگهي ٿو سائيڪل ٿيوري واري ڪانسيپٽ جون به حقيقتون سامهون اچي وڃن ته “دنيا ڪنهن نه ڪنهن ڇيڙي کان شروع ٿي آهي” جهڙي ٿيوري جي به ڪا ڳنڍ کلي پئي. ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو معلوم ڪرڻ ۾ ڪاميابيون ملي وڃن ته اسان وٽ پهتل جادو وارا قصا ان دور جون ڪي حقيقتون يا سائنس هجن، ڇو ته هن دور ۾ ڪيترن ئي طلسمي ڪهاڻين جا معاملا اڄ جي  ۾ حقيقت بڻجي ويا آهن. دنيا جي ٻين تهذيبن جي حوالي سان ايترا سوال ان ڪري موجود ناهن جو انهن بابت ڪي ڳجهه رهيل ناهن ۽ نه وري گهڻو ڪجهه تهن ۾ لڪل آهي، پر هي دڙو اهڙو آهي جنهن جا ٻيا تهه به آهن انهن ۾ اندر اڃان به انساني تاريخ لڪل آهي. سنڌ جي تهذيب جي ظاهر ٿيڻ کي سو سالن گذرڻ جي ڀلين پنهنجي معنى ۽ وڏي اهميت آهي پر ان راز کي کولڻ سڀ کان وڌيڪ اهميت واري ڳالهه آهي.

ويندي ويندي هڪ ٻي اهم ڳالهه به آهي ته سنڌو تهذيب جي آثارن مان هٿ آيل انيڪ شيون هندستان جي ميوزمن ۾ به پيل آهن ته لاهور ۾ به آهن يا ٿي سگهي ٿو ملڪ جي ڪجهه ٻين هنڌن تي موجود هجن. پرڏيهه ۾ به موجود آهن ۽ چوري ٿيل پڻ آهن، انهن جي واپسي ممڪن بڻائجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته جتي به هڪ کان وڌيڪ ساڳيون شيون موجود آهن اهي واپس سنڌ آڻي هنن ئي آثارن جي ڀرسان ميوزيم کي عالمي سطح جو بڻائي ان ۾ رکجن.