ممبئي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ همراهه کي مهيني دوران 6 ڀيرا نانگ ڏنگڻ باوجود هو معجزاڻي طور بچي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اترپرديش جي ضلعي فتح پور جي ڳوٺ ۾ وڪاس دوبي نالي شخص کي 2 جون کان 6 جولاءِ دوران 6 ڀيرا نانگن ڏنگيو پر هو پوءِ به بچي ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڪاس پهريون ڀيرو پنهنجي گھر ۾ بستري اندر نانگ جو شڪار ٿيو، اسپتال ۾ علاج بعد ٺيڪ ٿي ويو، بعد ۾ کيس ٽي ڀيرا وري نانگ ڪکي ويو پر وڪاس پوءِ به بچي ويو. چار ڀيرا ڏنگجڻ بعد گھر ڀاتين وڪاس کي گهر کان پري رهڻ جي صلاح ڏني، جنهن بعد هو پنهنجي مائٽ جي گھر منتقل ٿي ويو پر اتي به کيس نانگ کڪي ويو. هر ڀيري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ هر ڀيري سندس جان بچي وئي. 6 جولاءِ تي آخري ڀيرو کيس سندس گھر ۾ ئي نانگ ڏنگي وڌو، جنهن ڪري سندس حالت ڪافي خراب ٿي وئي، پر وقت سر اسپتال پهچائڻ سبب هو بچي ويو. وِڪاس موجب هن غور ڪيو ته کيس پتو پيو ته هر ڀيري نانگ کيس ڇنڇر يا آچر جي ڏينهن ئي ڏنگيو. ٻئي پاسي سندس جيئرو بچي وڃڻ تي ڊاڪٽر به حيران آهن. هوڏانهن گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ هر سال 54 لک ماڻهن کي نانگ ڏنگڻ جا واقعا پيش اچن ٿا.