ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ بلڊنگ ڪنٽرول  اٿارٽي ڊي جي کي غير قانوني اڏاوتن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، لياقت آباد ۽ ڀرپاسي جون غير قانوني اڏاوتون مھيني اندر هٽائي بلڊر ۽ ايس بي سي اي جي ملوث آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏھن ھڪ مھيني اندر غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته پوءِ توھان ( ڊي جي طرف اشارو ) سيٽ تي به نه ھوندا، ڊي جي اسحاق کھڙو 3 ڪلاڪن تائين  روسٽرم تي بيٺل رھيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کھڙو، ريحان خان ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پيش ٿيا، ان موقعي تي عدالت ڪنڊ ۾ بيٺل ڊي جي اسحاق کھڙي کي روسٽرم تي گھرائي پڇاڻو ڪيو ته رپورٽ ڪٿي آھي؟ جنهن تي ڊي جي وقت گھري ورتو، عدالت چيو ته توھان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آھي ته بلڊنگ ۾ ماڻھو  رھن پيا، ڊي جي صاحب! اسان 2019ع ۾  پلازا ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ھو، اڃا تائين بلڊوز ڇو ناھي ٿي ؟ جنهن تي ڊي جي اسحاق کھڙو جواب ڏنو ته مون وٽ ڪيس ھاڻي آيو آھي، عدالتي حڪم تي جلد عمل ڪرايو ويندو، بلڊنگ ۾ ماڻھو رھن ٿا، جنھن تي عدالت چيو ته توھان عمارت کي نه ڊاھيندا ته ظاھر آھي، ماڻھو ته رھندا، جسٽس عبدالرحمان ڊي جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته توھان ئي ماڻھن کي غير قانوني اڏاوتن جي اجازت ڏني آھي؟ توھان ئي ذميوار آھيو، جنھن ماڻھو عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آھي اھو ايس بي سي اي جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، توهان ڏيڍ سال کان معاملي جي جاچ لاء ڪاميٽي نه ٺاھي سگھيا آهيو، ڇاآفيسرن جون ٽرانسفر توھان جي اجازت سان ٿينديون آھن يا نه؟ جنهن تي ڊي جي اسحاق کھڙو چيو ته ڊائريڪٽر ڊيموليشن ۽ لاڳاپيل ضلعن جا ڊائريڪٽر غير قانوني اڏاوتون ڊاهي رھيا آھن،  جنهن تي عدالت چيو ته عدالتي حڪم 2019ع جو آهي، ڪيتري وقت ۾ غير قانوني اڏاوتون ڊھي وينديون؟ اسانکي ٽائيم فريم ڏيو، جنهن تي ڊي جي عدالت کان چئن ھفتن جو ٽائيم گھري ورتو، عدالت غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث بلڊر ۽ ايس بي سي اي جي ملوث آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.