چنئي (اسپورٽس نيوز): ڀارتي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان ڪامياب ترين ڪپتان رهندڙ ايم ايس ڌوني عالمي ڪرڪيٽ کي ته گهڻو اڳ الوداع چئي چڪو آهي، جڏهن ته هاڻي ڀارتي ميڊيا ۾ اهڙيون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هو آءِ پي ايل جي 16 هين سيزن جي پڄاڻي بعد هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو ان ڏس ۾  اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪمنٽيٽر محمد ڪيف دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ايس ( مهيندر سنگهه) ڌوني ايندڙ آءِ پي ايل نه کيڏندو پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ پي ايل جي جاري ايڊيشن دوران جيڪڏهن ڪنهن هڪ رانديگر کي عوام طرفان سڀ کان گهڻو پيار مليو آهي ته اهو ڀارت جو اڳوڻو ڪپتان ۽ آءِ پي ايل جي ٽيم چنئي سپر ڪنگز جي قيادت ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر مهيندر سنگهه ڌوني آهي هلندڙ سيزن ۾ ايم ايس ڌوني 13 ميچن ۾ رڳو پنجاهه بال کيڏيا آهن پر جنهن به شهر ۾ سندس ٽيم جي ميچ هوندي آهي اتي” ڌوني ڌوني “ جي نه کٽندڙ نعرن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي اهڙا ئي منظر آچر جي  ڏينهن چنئي جي چيپوڪ اسٽيڊيم ۾ چئني سپر ڪنگز ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي ميچ کانپوءِ ڏسڻ ۾ آيا، جڏهن شوقينن پنهنجي موبائيل فونز جون فليش لائيٽس آن ڪري ايم ايس ڌوني کي ڀيٽا پيش ڪئي.