ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) سينٽرل جيل جي رهائشي ڪوارٽرن مان ليڊي پوليس اهلڪار جي لاش ملڻ وارو مامرو، پوليس جو ڪردار مشڪوڪ بڻيل، ذريعن موجب جوابدار پوليس اهلڪار يوسف کوسو کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪوڙي، هڪ بااثر سياسي شخصيت معرفت پيش ٿيڻ جو انڪشاف، زريعن موجب پوليس پاران واقعي واري هنڌ تان مليل ثبوتن کي لڪائڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي،گرفتار جوابدار يوسف کوسو کي سياسي پشت پناهي سبب لاڪ اپ ۾ رکڻ بدران ٿاڻي تي مهمان بڻائي ڪمري ۾ رکڻ جو انڪشاف، خبر موجب 2 ڏينهن اڳ سينٽرل جيل جي رهائشي ڪوارٽرن مان ليڊي پوليس اهلڪار مهوش جروار جي قتل بابت زريعن کان وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن، پهرين ڏينهن وارثن جي بيان بعد يوسف کوسو ميرپورخاص مان فرار ٿي پنهنجي اباڻي گهر ڪوٽ غلام محمد هليو ويو هو، جنهن کي گذريل ڏينهن ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير چنا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ذريعن موجب معلوم ٿيو آهي ته پوليس اهلڪار يوسف کوسو کي پوليس پاران گرفتار ناهي ڪيو پر ميرپورخاص جي هڪ بااثر سياسي شخصيت معرفت پيش ڪيو ويو آهي، ذريعن کان اهيو پڻ معلوم ٿيو آهي ته پوليس پاران گرفتار جوابدار پوليس اهلڪار يوسف کوسو کي لاڪپ اپ ۾ رکڻ بدران سياسي پشت پناهي سبب ٿاڻي تي مهمان بڻائي ڪمري ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته مهوش جروار جي ڪيس ۾ پوليس جو ڪردار مشڪوڪ بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته مهوش جي پهرين ڏينهن واري ويڊيو جنهن ۾ مهوش رسي سان لٽڪيل آهي ۽ هن جا گوڏا پٽ تي لڳل آهن اها وڊيو پوليس پهرين ڏينهن جاري نه ڪئي ٻئي ڏينهن وارثن اها وڊيو جاري ڪئي، جنهن سان اهو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پوليس ڪيس بابت مليل ثبوتن کي لڪائي ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ايس ايس پي ميرپورخاص پاران واقعي کي قتل قرار ڏيڻ ۽ جوابدارن پاران قتل جو اعتراف ڪرڻ جي بيان بعد جوابدارن ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائندي ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب پوليس ڪيس بابت جاچ ۾ مڪمل غيرسنجيده ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن وقت تائين جوابدارن کان جاچ تائين شروع ناهي ڪئي، زريعن موجب يوسف کوسو کي سياسي پشت هجڻ ڪري پوليس جاچ ڪرڻ ۾ هن وقت تائين اڳڀرائي ناهي ڪئي ڇو جو مهوش جو موبائل فون پوليس جي تحويل ۾ آهص جنهن مان گهڻو ڪجھ هٿ ڪري سگهجي ٿو پر پوليس اڄيان تائين موبائل جي فرانزڪ لاءِ ناهي موڪليو نه وري مهوش جي سي ڊي آر لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، مهوش جي مڙس گل محمد پاران ميڊيا سان ڳاڪهائيندي اعتراف ڪيو ته يوسف کوسو جو اسانجي گهر ۾ اچڻ هيو جڏهن ته يوسف کوسو پڻ اعتراف ڪيو آهي ته واقعي واري وقت کان ٿورو اڳ مان مهوش جي گهر ويو هئس تنهن باوجود پوليس هن وقت تائين قتل جا سبب ڄاڻن ۾ ناڪام اچي رهي آهي.
مک جوابدار ۽ مڙس جو رمانڊ، ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائڻ جو اعتراف
ميرپورخاص: ميرپورخاص سينٽرل جيل جي ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پوليس اھلڪار يوسف کوسو ۽ مقتولا جو مڙس گل محمد يوسفزئي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان ٻنھي جوابدارن کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي. مقتولا مهوش جروار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جوابدار پوليس اھلڪار يوسف کوسي عدالت پيش ٿيڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته چيو تھ مھوش کيس گھرايو، جڏھن ھو پھتو ته مھوش ڀتين کي ٽڪر ھڻي رھي ھئي ۽ چئي رھي ھئي ته ھو زندگيءَ مان بيزار ٿي پئي آھي ۽ مڙس مان تنگ ٿي چُڪي آھي، جنھن تي ھن کيس ڀتين سان ٽڪر ھڻڻ تي ھٿن سان روڪيو ۽ سمجھايو ۽ بعد ۾ ھو اتان ھليو ويو. ھن وڌيڪ چيو ته شام جو 4 لڳي 18 منٽن تي مھوش جي والدا اطلاع ڏنو ته جيل تي مسئلو ٿيو آھي، ان بعد خبر پئي ته مھوش فوت ٿي وئي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ کيس ڪا خبر ناھي ته واقعو ڪيئن پيش آيو. ھن اھا پڻ دعويٰ ڪئي ته مھوش کي سندس مُڙس مارڪٽ ڪندو ھو، ان ڪري ھن تنگ ٿي ساڻس ڪورٽ ۾ شادي پڻ ڪئي ھئي ۽ مڙس کان طلاق جو ڪوڙو سرٽيفڪيٽ پڻ ٺھرايو ھو، جنھن بابت ھڪ عورت وڪيل کي سموري خبر آھي.
مهوش واقعي جي وڊيو وائرل، ڦاهو لڳل لاش گوڏن ڀر پيل
ميرپورخاص: ميرپورخاص سينٽرل جيل جي ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جي واقعي جي وڊيو وائرل سوشل ميڊيا جي مختلف ٽولز تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مبينا قتل ڪيل مهوش جروار ڇت واري پکي سان ڦاهو لڳل لاش گوڏن ڀر زمين تي پيل آهي، پکي ۾لٽڪيل لاش واري وڊيو ڏسندڙن به وڏا سوال اٿاري ڇڏيا،سوشل ميڊيا جي واهپيدارن جو چوڻ آهي ته خودڪشي ڪندڙن جي واقعن جو اڳ به ڪافي وڊيوز ڏٺيو آهن، پر اهو واقعو خودڪشي نه پر قتل ظاهر ٿئي ٿو، هوڏانهن مقتولا ليڊي اهلڪار مهوش جروار جي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد ٿيڻ جا انڪشاف ڪيا ويا آهن
آءِ جي جيل مقتولا مهوش جي تڏي تي پهتو، فوٽوسيشن بعد امدادي چيڪ واپس وٺي روانو
ٽنڊو جان محمد(رپورٽ: عبدالخالق خاصخيلي) پوليس جي ڪارڪردگي ۽ نظام مفلوج هجڻ جو عوام کي ثبوت ملي ويو، آءِ جي جيل خانه جات قاضي نظير احمد ليڊي اهلڪارن کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ جو پيغام ڏئي ۽ مقتولا ليڊي اهلڪارمهوش جروار جي تڏي تي وارثن سان تعزيت ڪري فوٽوسيشن بعد امدادي چيڪ واپس وٺي روانو ٿي ويو، خبر موجب آءِ جي جيل خانه جات قاضي نظير احمد ٽنڊوجان محمد ڀرسان ديهه 189 ڳوٺ عبدالغني جروار پھتو، جتي 2 ڏينھن اڳ ميرپوخاص جيل جي ڪوارٽر ۾ ليڊيز پوليس اهلڪار مھوش جروار جي وارثن پهتو، جتي آءِ جي جيل مقتولا اهلڪار مھوش جروار جي امڙ ياسمين جروار، مقتولا جي ڀيڻ ليڊي پوليس اهلڪار بنش جروار، مامي جاويد جروار ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا، مقتولا پوليس اھلڪار جي ڀيڻ بنش جروار آءِ جي جيل اڳيان دانهيندي چيوته سندس ڀيڻ آفيسرن کي درخواست ڏني ھئي ته سندس جان کي خطرو آھي، تحفظ فراھم ڪيو وڃي، پر ھن جي درخواست جو نوٽيس نه ورتو ويو ان جو نتيجو اهو نڪتو جو جوابدارن منھنجي ڀيڻ کي قتل ڪري بعد ۾ ھن جي موت کي خود ڪشي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي آءِ جي جيل مقتولا جي پونيئرن کي 9 لک، 40 هزار جا امدادي چيڪ ڏنا جيڪي فوٽو ڪڍائڻ بعد اهو چئي واپس وٺي ويو ته چيڪ مٿان لاڳاپيل آفيسرن جون صحيحون ٿيل ناهن، صحيحون ڪرائي بعد ۾ وارثن حوالي ڪيا ويندا، آءِ جي جيل قاضي نذير احمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پھرين ھر ليڊيز پوليس اهلڪار پنھنجو تحفظ پاڻ ڪرڻ سکن، ان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ان معاملي ڪنھن به عملدار جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي، مقتولا جي خون سان پورو پور انصاف ٿيندو.
مهوش واقعو افسوسناڪ، پوليس پاڻ محفوظ ناهي: سماجي اڳواڻ
ميرپورخاص: ليڊي اهلڪار مهوش جي قتل تي سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو ء وڪيل شوڪت راهمون پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ليڊي پوليس اهلڪار وارو مامرو انتهائي افسوسناڪ آهي،اسان جي رياست جو فيلئر آهي ته جڏهن به سنڌ ۾ ڪنهن نياڻي جي خودڪشي جي خبر اچي ٿي ان جو بعد ۾ معلوم ٿئي ٿو ته قتل ٿيو آهي سنڌ ۾ عورتن جي حقن بابت قانون جوڙيل هجڻ باجود نياڻين سان زيادتيون ٿيندو رهيو آهن،هڪڙو ته سنڌ ۾ عام عورتون يونيورسٽين ۾ ڳوٺن ۾ عورتون قتل يان خودڪشيون ڪن ٿيون اهي پنهنجي جاء تي ڳالهيون موجود آهن پر پوليس جو ادارو جيڪو رياست جو اهم ادارو آهي جيڪو ماڻهن جي حفاظت لاء ڪم ڪري ٿو مهوش جروار واري معامري کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پوليس پاڻ ڪيتري محفوظ آهي.
مهوش جي پنج سال اڳ شادي ٿي، هڪ نياڻي جو اولاد هو
ميرپورخاص: مهوش جروار جي پنج سالاڳ گل محمد پٺاڻ سان شادي ٿي هئي جنهن مان هڪ نياڻي هورين فاطمه جو اولاد هيو، ذريعن موجب پوليس اهلڪار يوسف کوسو سان مهوش جي ملاقات پڻ سينٽرل جيل ۾ نوڪري دوران ٿي هئي جنهن بعد هنن جو گهر ۾ اچڻ وڃڻ شروع ٿيو هو، پر ڪجهه عرصي پهرين مهوش هڪ حلف نامو ٿاڻي تي جمع ڪرايو ته يوسف کوسو نالي پوليس اهلڪار مسلسل مونکي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ء سندس گهرواري پڻ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، يوسف سان منهنجو ڪو واسطو ناهي ء مونکي جان جو خطرو آهي، اهڙي شڪايت هن پنهنجي اداري جي ايس ايس پي جيل کي پڻ ڪئي هئي جنهن بعد يوسف کوسو کي سياسي پشت پناهي سبب مهوش جي دانهن جو ازالو ڪرڻ بدران هن وقت جي ايس ايس پي جيل مهوش کي حيدرآباد بدلي ڪري ڇڏي هئي، پر اهو سوال هن وقت تائين موجود آهي ته هن وقت جي ايس ايس پي جيل مهوش جي بدلي ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ ته ڪئي هئي انهن سوال جو جواب ڳولهڻ ۾ پڻ پوليس ناڪام آهي.
مهوش جون ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز، زندگي مان مطمئن نظر ايندڙ
ميرپورخاص: مهوش جون ٽڪ ٽاڪ وڊوز پڻ وارثن پاران وائرل ڪيون ويو آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مهوش تمام خوش آهي ء پنهنجي زندگي ۾ مطئمن آهي پر هن کي قتل ڪرڻ جا ڪهڙا سبب هيا پوليس هن وقت معلوم ناهي ڪري سگهي.