ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ميرپورخاص ۾ عورتن پاران 11 مئي تي “عورت مارچ”ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان ڏس ۾ ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس مشھور آرٽسٽ ۽ تحريڪ نسوان جي اڳواڻ شيما ڪرماني، عروج فاطما ڪپري، انوار شيخ، نينا ۽ مريم زاھد چيو ته ھي مارچ عورتن جي حقن بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ آھي. شيما ڪرماني چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ مارچ جو مقصد اھو آھي ته اسان ھڪ اھڙو معاشرو بڻائڻ چاھيون ٿيون، جنھن ۾ عورت کي عزت، سمورا شھري حق، انصاف ۽ برابري مليل ھجي. ھن چيو ته ڪئنالن جو اشو به  اھم رھيو آھي، اسان ان خلاف به آواز اٿاريو ۽ اسان ڪارپوريٽ فارمنگ جي به خلاف آھيون. عورت کي ڪارنھن جي الزامن ھيٺ عورتن کي ماريو پيو وڃي، ننڍي عمر جي شادين خلاف قانون ته جُڙيل آھي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي، ساڳئي وقت عورتن کي سندن گھرن مان ورثي ۾ ڪجهه نٿو ملي، پريس ڪانفرنس ۾ مطالبا ڪيا ويا تھ ميرپورخاص ڊويزن ۾ عورتن جي خودڪشين جي وڌندڙ رجحان کي روڪيو وڃي، ننڍي عمر جي شادي ڏوهه آھي، ان لاءِ روڪٿام ڪئي وڃي ۽ مانيٽرنگ ڪئي وڃي. ھر تعلقي ۾ عورت جا الڳ ٿاڻا قائم ڪيا وڃن، ميرپورخاص ۾ جُڙيل دارالامان کي فعال ڪيو وڃي. عورت اھو پڻ مطالبو ڪيو سينٽرل جيل جي ڪوارٽر ۾ مبينا طور قتل ٿيل عورت اھلڪار مھوش جروار جي واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي، سنڌڙي ۾ عورتن جي وڌندڙ ڪارنھن الزامن وارن قتلن جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي، ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي ۾ ڳوٺ سطح تي ڇوڪرين جا مڊل ۽ ھاءِ اسڪول قائم ڪيا وڃن.