ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) سينٽرل جيل ۾ ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جي مبينه قتل وارو معاملو، سول اسپتال انتظاميا پاران شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري،خبر موجب ھڪ ھفتو اڳ سينٽرل جيل جي ڪوارٽر مان ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جو ڦاھو لڳل لاش هٿ آيو هو، جنهن جي سول اسپتال انتظاميا پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي  آهي، رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته مهوش جروار جي ڪنڌ جي ھڏي ڀڳل ۽ ساهه جي نالي ۾ رت جمع ٿيل ھو، ان کانسواءِ گلي تي ٻن رسن جا پڻ نشان مليا آھن، جڏھن ته عورت جي سٿرن سميت پيٽ ڪلھي ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا نشان پڻ ظاهر آهن، جڏھن ته عورت اهلڪارکي پاتل پوليس يونيفارم جي شرٽ ڪنڌ کان ڦاٽل ھئي، جڏهن ته رپورٽ ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي ته عورت سان زيادتي بابت ڊي اين اي لاءِ جزا موڪليا ويا آهن، جيڪارپورٽ اچڻ بعد حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي ويندي، ٻيطرف گذريل ڏينهن مبينه قتل ٿيل عورت جي امڙ ياسمين جروار پاران پوليس تي صحيح جاچ نه ڪرڻ جي الزام بعد ڪيس جو جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي سينٽرل جيل  پھچي عورت جي ڪوارٽر جو معائنو ڪيو ذريعن موجب عورت جي استعمال ھيٺ 02 موبائل فونز کي ھٿ ڪيو ويو آھي ياد رھي ته مھوش جروار واقعي جو قتل ڪيس سندس امڙ ياسمين جروار پاران مھوش جروار جي مڙس گل محمد پٺاڻ ۽ جيل پوليس اھلڪار يوسف کوسو مٿان داخل ڪيو ويو ھو جنھن ڪيس ۾ ٻئي جوابدار گرفتار آھن